اي اين جي عباسي

اي اين جي عباسي

اي اين جي عباسي

اي اين جي عباسي: اڳوڻو آبپاشي سيڪريٽري ۽ پاڻيءَ جي معاملن جو ماهر زرعي انجينئر اي. اين. جي عباسي جو پورو نالو عبدالنبي عباسي آهي. سندس جنم 01 سيپٽمبر 1930ع تي ڳوٺ سوڀيديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ گل حسن عباسيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ 1951ع ۾ گريجوئيشن اين. ڊي. يونيورسٽي مان سول انجينئرنگ ۾ ڪئي. کيس، سرڪاري توڙي نيم خودمختيار ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جو طويل تجربو حاصل رهيو. پاڻ، اريگيشن ائنڊ پاور، فوڊ ائنڊ ائگريڪلچر، لائيو اسٽاڪ ائنڊ فشريز کاتن جي اهم انتظامي عھدن تي فائز رهيو. ان کانسواءِ پاڪ- ڪوويت انويسٽمينٽ ڪمپنيءَ ۾ بطور چيئرمئن رهڻ سميت پي. آئي. ڊي. سي ۽ نيشنل انويسٽمنٽ ٽرسٽ جو به چيئرمئن رهيو. هن، ڪيترن ئي وفاقي ۽ صوبائي وزارتن ۾ به ڪم ڪيو. کيس 2004ع ۾ مير الله خان'>ظفر الله خان جمالي جي وزارت عظميٰ ۾ اسٽيٽ جو وفاقي وزير ۽ پاڻيءَ جي وسيلن تي ٺاهيل فني ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. هن، 1990ع ۾ نيشنل انويسٽمنٽ ٽرسٽ (NIT) مان چيئرمئن جي عھدي تان رٽائرڊ ڪيو. ڦڦڙن جي تڪليف سبب 28 نومبر 2023ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.09.01  عيسوي

اڳوڻو آبپاشي سيڪريٽري ۽ پاڻيءَ جي معاملن جو ماهر زرعي انجينئر اي. اين. جي عباسي جو پورو نالو عبدالنبي عباسي آهي. سندس جنم 01 سيپٽمبر 1930ع تي ڳوٺ سوڀيديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ گل حسن عباسيءَ جي گهر ۾ ٿيو.


2023.11.28  عيسوي

اي. اين. جي عباسي ڦڦڙن جي تڪليف سبب 28 نومبر 2023ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم ناصر
خالد محمود سومرو ڊاڪٽر
سڪندر آفتاب خضر
شمس عباسي آپا
ڀٽي مخدوم ابراهيم
نوشاد احمد شيخ ڊاڪٽر
حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي
تاجل بيوس
شيخ دائود استاد
احمد ابراهيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون